,

Neryoon Akhyoon Surmae Khuwab Novel Pervez Abro

₨ 550

Neryoon Akhyoon Surmae Khuwab by Pervez Abro

نيرون اکيون سرمائي خواب ناول پرويز ابڙو

نيرين اکين ۽ سرمئي خوابن تي مشتمل هنن حقيقتن کي اوهين ڪهڙي رنگ ۾ ٿا وٺو، انهيءَ جو فيصلو شايد آئون نہ ڪري سگهان. ڇو تہ هر فيصلي جو اختيار هميشه جيان هن ڀيري بہ اوهان پڙهندڙن جي هٿن ۾ ئي آهي… بس آئون رڳو ايترو ئي چوندس تہ مون جيئن ڏٺو، جيئن محسوس ڪيو ۽ جهڙين ڪيفيتن ۾ هي سڀ ڪجهه لکيو، سو اوهان جي سامهون ۽ اوهان جي هٿن ۾ آهي. چاهيو ته پسند جو ٺپو هڻي، مون ڏانهن پوسٽ ڪري سگهو ٿا ۽ نہ چاهيو ته منڌيئڙو پائي هن ڪتاب کي ڪنهن ڪٻاڙ ۾ اڇلائي سگهو ٿا. سڀ ڪجھ اوهان جي پسند ۽ ناپسند، اختيار ۽ هٿن ۾ آهي… ها! سبجيڪٽ سان اختلاف اوهان جو حق آهي ۽ لکڻ منهنجو فرض. ۽ اسان سڀئي ايمانداريءَ سان پنهنجو پنهنجو فرض نڀائيندا رهون ٿا، ڇو تہ هونئن به اسان سڀئي لڪيرن جي ٻن ڌار ڌار پاسن ۾ ورهايل آهيون.
سچ ڇاهي…؟ شايد اسان مان ڪوبه انهيءَ منجهيل، وچڙيل ۽ گهنجريل سوال جا پيرا کڻي نہ سگهي. ڇو ته اسان سڀئي زمان ۽ مڪان جي هڪ ڊگهي پنڌ تي بيٺا آهيون، ها!… اهو بہ هڪ سچ آهي، جيڪو اوهين ڏسو ۽ سوچيو ٿا. ۽ اهو بہ هڪ سچ آهي، جيڪو آئون ڏسان ۽ سوچيان ٿو… ها! بس فرق آهي ته رڳو اسان جي وچ ۾ نڪتل لڪيرن جو ئي آهي، جنهن جي هڪ پاسي اوهين آهيو ته ٻئي پاسي اسين. هن طرف اوهان کي ڇهن جو انگ ٿو ڏسڻ ۾ اچي ۽ هن طرف اسان کي نو ٿا نظر اچن. پاڻيءَ گلاس لاءِ اوهين چئو ٿا، اڌ ڀريل آهي ۽ اسين چئون ٿا، اڌ خالي آهي… انهيءَ اسٽيج تي اچي سچ وارو سوال ڏاڍو منجهائيندڙ ٿو لڳي!!
ائين ئي ڪڏهن هند جي سٺي ۽ مشهور ناول ”چتر ليکا“ ۾ ڀڳوتي چرن شرما لکيو هو، ”اسان ته پاپ ڪيون ٿا ۽ نه پڃُ. اسان ته صرف اهو ئي ڪجهه ڪيون ٿا، جيڪو اسان کي ڪرڻو ٿو پوي.“
شرما جي پيرن جي خاڪ ڇاڻيندي سندس پيرن جي نشانن تي پويان هلندي آئون بہ ٿورڙي وڌاءَ سان اهو عرض ڪندو هلندس تہ سچ رڳو اهو ئي ناهي، جيڪو اسان ڏسئون ٿا، پر سچ تہ اهو بہ آهي، جيڪو اکين کان اوجهل ۽ اسان کي ڏسڻ ۾ نہ ايندڙ بہ آهي، جنهن کي اسان زمان جي ڏاڪڻ چڙهي، مڪان جي عينڪ پائي، نه سمجهي ٿا سگهون ۽ نہ ئي ڪوئي اسان کي سمجهائي سگهي ٿو… منهنجي انهيءَ موقف کي ابوالڪلام جو اهو جملو ڪيڏي نہ هٿي ٿو ڏي. جڏهن هو چوي ٿو: ”آئون رڳو اهو ئي ناهيان، جيڪو پنهنجو پاڻ کي سمجهندو آهيان. پر آئون اهو به آهيان، جيڪو ٻيا مون کي سمجهندا آهن.“
پيار ڇاهي…. پرويز ابڙو
Page 199
Size: Demy

Reviews

There are no reviews yet.

Be the first to review “Neryoon Akhyoon Surmae Khuwab Novel Pervez Abro”

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Shopping Cart