Sindhi Novel Aon Ain Man by Aftab Rahimoon
Best selling sindhi Novel of the year 2022
آئون ۽ مان سنڌي ناول آفتاب راهمون
دنيا ۾ مختلف موضوعن تي ڪيئي ناول لکيا ويا آھن ـ ھر ليکڪ جي لکڻ جو انداز،گھاڙيٽو، لفظن جي چونڊ ۽ منظرنگاري ٻي کان مختلف ھوندي آھي ـ “آئون ۽ مان” جي لکڻ جو طريقو ۽ ھڪ عام رواجي ناول کان ٿورڙو مختلف آھي ـ ھڪ پرفارمنگ آرٽسٽ ھجڻ جي ناتي مون اھو ناول Script Style ۾ لکيو آھي تـ جيئن مستقبل ۾ جيڪڏھن ڪو ماڻھو ان کي ڊرامي جي صورت ۾ رڪارڊ ڪرڻ چاھي تـ ان لاء آساني ٿي پوندي ـ
سال 2020 جي مھيني فيبروري ۾ ڪرونا وائرس جي عالمي وبا جي ڪري دنيا جي لاء ھڪ مشڪل سال گذريو ـ ان دوران مون يونيورسٽي جي ڪجھ ٽُٽل ڦُٽل ساروڻين کي نظر ۾ رکندي جون جي مھيني ۾ ھڪ ناول لکڻ شروع ڪيو جنھن جو نالو رکيم “آئون ۽ مان ” ـ جنھن جي ھفتي وار قسط ھر آچر تي پنھنجي فيسبڪ پروفائل ۽ پوء وري پيج ” شارٽ اسٽوريز باء آفتاب راھمون ” تي رکڻ شروع ڪيم۔ ڪجھ ھفتن کان پوء محسوس ڪيم تـ سنڌ جي نوجوانن ان ناول کي ساراھڻ شروع ڪيو آھي ۽ ھر آچر اچڻ جو بي صبري سان انتظار ڪرڻ لڳا ۔ وقت گزرندو ويو ڏسندي ئي ڏسندي سال گذري ويو ۽ 25 کان مٿي قسطون مڪمل ٿي ويون ـ ھڪ دفعي ڪجھ مصروفيتن جي ڪري مون ٻـ ھفتا ڪا بـ قسط اپلوڊ نـ ڪئي تـ مونکي فيسبڪ تي نوجوانن جا ڪيئي پيغام موصول ٿيا تـ “سائين اڳين قسط ڇو نـ آئي” ـ مونکي خوشي ٿي تـ منھنجي ناول لاء نوجوان ايڏو انتظار بـ ڪن ٿا ـ خير مون وري ھفتي وار لکڻ شروع ڪيو ۽ جڏھن 15 آگسٽ 2021 تي آخري قسط نمبر 51 لکي ناول پورو ڪيم تہ ڪافي سارن نوجوان شاگردن ۽ شاگرياڻين زور ڀريو تہ هي ناول ڪتابي صورت ۾ ڇپجڻ کپي ۽ هيئنر ناول ڪتابي صو ۾ ڇپجي تيار ٿيڻ جي ويجھو آھي ۔ ناول کي ڪتابي شڪل ڏيڻ ۾ جنهن دوست سڀني کان وڌيڪ ساٿ ڏنو، اهو هو سنڌ يونيورسٽي جو شاگرد ۽ نوجوان اديب دوست راجا الطاف، جنهن هِن ناول جو خوبصورت مهاڳ پڻ لکيو ۽ ناول جي ٻوليءَ جي درستگين کان ويندي، پروفنگ تائين جي هر ذميواري نڀائي، جنهن لاءِ آئون بيحد ٿورائتو آهيان.
ٿورا نوجوان دوست پرڪاش ڪرمواڻي جا جنهن هن ناول جي خوبصورت ٽائٽل ڊزائنگ سميت وقت سر ڇپائي ڪرائي رھيو آھي ـ
اميد آھي تـ ايندڙ ھفتي تائين ڇپجي پڌرو ٿي ويندو –
ڪتاب جي مھورت جو اعلان جلد ڪبو ـ
ڪوشش آھي تـ حيدرآباد يا ڄامشوري ۾ مھورت رکجي ـآفتاب راهمون
ISBN 978-969-217-133-5




Reviews
There are no reviews yet.