Wegaranp Jo Safar-Mohsin Palh-ويڳاڻپ جو سفر – محسن پلهہ

₨ 400

Wegaranp Jo Safar-Mohsin Palh-ويڳاڻپ جو سفر – محسن پلهہ

Wegaranp Jo Safar-Mohsin Palh-ويڳاڻپ جو سفر – محسن پلهہ

ول ڊيورانٽ جيئن انسان کي غيرفلسفيانہ جِيو سڏيو آهي مطلب زندگي ۾ ڪنهن بہ شئِ کي حتمي شڪل ناهي، سڀ ڪجھ پنهنجي ڦيري ۾ تبديل ٿيندو رهي ٿو. مطلب فرد جي ذات کي جدلياتي ماديت ۾ ڏسڻ لازمي آهي. ڇو تہ تاريخ اڳتي وڌندڙ آهي. ” شين، ڳالهين، لقائن، رنگن ۽ روپن مٽائڻ جو سلسلو آهي. اهو اڳتي وڌي ٿو، جوان ٿئي ٿو، پوڙهو ٿئي ٿو، شڪل بدلائي ٿو يا ختم ٿي وڃي ٿو.” (ڪائنات سماج ۽ انقلاب/ ص:41) ائين ئي بقول ڊاڪٽر غفور ميمڻ جي “انسان بنيادي طرح سماجي ناهي پر هو پنهنجي ضرورتن کي جدلياتي انداز سان پورو ڪرڻ وارو جانور آهي.” ڏسجي تہ انسان بنيادي طور پنهنجي ضرورتن ۽ خواهشن جي تابع رهيو آهي، اهي خواهشون ڪڏهن جبلي آهن ڪڏهن مصنوعي آهن. ان سفر ۾ انسان جي اندر انفراديت ۽ اڪيلائي/ويڳاڻپ جو جيڪو تصور اڀريو اهو بہ سماجي پيداوار ۽ مارڪس جي مطابق ان پيداوار کان محروم ٿيڻ جي ڪري فرد جو وجود اڪيلو محسوس ڪري ٿو. ۽ ڏسجي تہ ان وجود کي بچائڻ بہ فطرت آهي. ان نظام يا ان محرومي کي ختم ڪرڻ انسان جي وس جي ڳالھ آهي. robert champion اينٽي سائيڪاٽري مومينٽ جو هڪ سٺو ليکڪ آهي هن پنهنجي ڪتاب Empire of Normality ۾ چيو تہ

اهڙي نظام کي سمجهي ان کي ختم ڪرڻ سان ئي انساني آزادي آهي، اها آزادي جتي فرد کي ڪم جي صلاحيتن کان وڌيڪ ان جي سماج سان رشتي، اجتماعي لاڳاپن ۽ ان جي قدر ۽ تجربن جي اهميت هجي.

 

فرد جي ويڳاڻپ، ذهني اذيت، اڪيلائي، ذهني مونجهارا ان جي صرف ذات تائين محدود ناهن جي ائين هجي ها تہ فرانڪو باسيگليا (Franco Basaglia) يورپ اندر پاڳل خانا بند ڪرائڻ جي تحريڪ ئي نہ هلائي ها. وڪٽر فرينڪل ان کي “معنيٰ جي کوٽ” نہ سڏي ها. جيڪڏهن فرد پنهنجي ماحول ۽ ذات ۾ مڪمل طور خودمختيار هوندو، سماج ۾ برابري، منصفاڻي ورڇ هوندي تہ اتي اهڙا مسئلا گهٽ ئي هوندا. سرمائيدار فرد کان پنهنجي چونڊ واري صلاحيت کسي ان کي پنهنجي تابع ڪري ڇڏيو. ان حوالي سان انٿني گڊنز (Anthony Giddens) چيو تہ جديديت ۾ “self” کي مسلسل پاڻ ٺاهڻو پوي ٿو. يعني ساڳي جدوجهد ڪرڻي پوي ٿي اهڙي نظام خلاف جيڪو انسانيت دشمن بڻيل آهي. Social Determinants of Mental Health مطابق فرد جا نفسياتي مونجهارا سماج جي پيداوار آهن جن مان ويڳاڻپ بہ آهي. سماجي سهائتا جي کوٽ، معاشي اڻبرابري، ذهن ۾ پيدا ٿيندڙ دائمي بي چيني، مصنوعي معيار، ناڪاميءَ کي ذاتي عيب سمجهڻ، پاڻ کي پيش ڪرڻ، ڏيکارڻ، ۽ پسند ڪرائڻ جهڙي نفسيات، جڏهن زندگيءَ جا معيار مارڪيٽ ٺاهي، فرد جي سڃاڻپ سماجي حيثيت سان جڙيل هجي تڏهن فرد مان سماجي اعتماد گهٽجي ٿو ۽ اڪيلائي کي ترجيح ڏيڻ سان شرم، بي وسي، مايوسي، ناڪامي ۽ بي معنويت وڌي ٿي ۽ فرد ويڳاڻپ جو شڪار ٿئي ٿو.

 

ڪتاب جي اندر جديديت تي (9) بحث هڪ طرفو آهي. جديديت جتي خاندان، مذهب، ۽ روايتي بنيادن کي لوڏيو، طبقاتي جدوجهد ۽ ظلم خلاف شعوري تحريڪن، فڪري لاڙن ۽ فن جنم ورتو. انساني نفسيات، شعور ۽ لاشعور تي بحث ٿيڻ لڳا. جديديت دنيا کي روايتن کان اڳتي، تجربن ۽ شعور جي آزاد افق ڏانهن وٺي وئي. ماڻهو پنهنجي آزادي، ذميواري ۽ چونڊ تي سنجيدگي سان سوچڻ لڳا. زندگيءَ ۾ بي معنيٰ، ڊپ، ۽ اڪيلائي جو احساس وڌڻ لڳو. زندگي جي رواجي معنيٰ ٽٽڻ لڳي، روايتي اخلاق ختم ٿيڻ لڳا، ماڻهو کي دنيا غير يقيني محسوس ٿيڻ لڳي، سائنسي انقلاب سماج کي گلوبل دنيا سان ڳنڍي ڇڏيو. مسئلو جديديت ۾ نہ پر انسان جي وڌندڙ خواهشن ۽ ضرورتن ۾ هيو جن کي سرمائيدار پيدا ڪري فرد کي فطرت کان الڳ ڪري مارڪيٽ ۾ کڻي ڦٽو ڪيو، جتي صرف مقابلي بازي هُئي، فرد جي اجتماعي ۽ قومي سڃاڻپ ٽٽڻ لڳي ۽ هو الڳ نالي جي پويان ڊوڙڻ لڳو ان ڊوڙ کيس نفسياتي بيمارين جي ور چاڙهي ڇڏيو.

 

وجود سراپا ڏک آهي. ويڳاڻپ بہ هڪ قسم جي پيڙا آهي. انسان موضوعي ۽ معروضي طرح الڳ وجود رکي ٿو. ان جو پنڌ نيستي مان هستي ۽ هستي مان نيستي ڏانهن آهي. يعني مٽئَ مان مٽي ٿيڻ جي وچ جو سفر زندگي آهي، ان جي وچ ۾ هڪ خلا آهي، “ذات هڪ مڪمل خلا آهي، انهئَ خلا کي پُر ڪرڻ لاءِ فرد هر لمحي چونڊ جي مرحلي مان گذري ٿو.” (انسان، فطرت ۽ سماج)…ان چونڊ ۾ جيڪي رڪاوٽون اچن ٿيون اهي ئي فرد کي ويڳاڻپ جو شڪار بڻائين ٿيون. ان ذاتي خودمختياري کي فرد جي ذات کان الڳ ڪري الگورٿم جي اشارن تي ڪنزيومر سماج ماڻهو جا فيصلا ڪري ٿو. ان سان ڇڙوِڇڙ خيال جنم وٺڻ لڳن ٿا، ۽ اهي خيال فرد کي شعوري اڪيلائي ۽ ويڳاڻپ جو شڪار بڻائي ڇڏين ٿا. تڏهن مارڪس ان شعوري اڪيلائي جو ڪارڻ پيداوار ذريعن کي سڏيو.

محسن پلھ جو ڪتاب “ويڳاڻپ جو سفر” ويڳاڻپ جي بنيادي تصور جو تعارف پيش ڪري ٿو. جيڪا هڪ سٺي ڪوشش آهي. جديديت، وجوديت، محبت تي کيس مطالعي جي ضرورت آهي

جاويد پنهور

Reviews

There are no reviews yet.

Be the first to review “Wegaranp Jo Safar-Mohsin Palh-ويڳاڻپ جو سفر – محسن پلهہ”

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Shopping Cart