سنڌوءَ جون سلطنتون
Empires of the Indus
پھريون تہ ھي ڪتاب پڙھي اھو محسوس ٿيو تہ يار ھن مائي جو ڇا شڪريو ادا ڪجي، يا افسوس ڪجي تہ سنڌو جي موجن کي حرام خور حڪمرانن ڪيتري حد تائين تباھ ڪري ڇڏيو آھي، فيڪٽرين جو ڪِنو پاڻي، روز ڊيم ۽ ڪينال ٺھڻ تي ھِڪ پاڻي خراب ٿيو پوي ۽ ٻيو توڙ تائين پاڻي نہ پھچڻ ڪري سمنڊ جو وڌي بدين، ٺٽو ۽ ڪراچي سميت ڪيترن تاريخي ڳوٺن کي ٻوڙڻ سان گڏ درياھ اندر رھندڙ جيوت، مقامي ماڻھن جون زمينون،تاريخي ڳوٺن ۽ شھرن کي ٻوڙڻ اتان جي ماحول تي اثر، وڻن جو سڪڻ (مري وڃڻ) جو سبب سمنڊ آھي. ڪوٽڙي بئراج کان مٿي درياھ بادشاھ کي ڇوڙ ڪندي ڪڏھن بہ مون پاڻي ناھي ڏٺو، ھنن ڏھاڪن تي تہ سال ۾ وڌ ۾ وڌ ٻہ مھينا شايد ڇوڙ ڪندو ھجي، سنڌو سمنڊ طرف نہ تہ ٻيا ڏھ مھينا سال ۾ سنڌو کي ھميشہ سڪندي ۽ واري اڏرندي ڏسندا آھيون. ان جو مسئلو اھو ٿو پيدا ٿئي تہ، سمنڊ پاڻ وٽ وڌندو اچي ٿو ۽ ايندڙ ڪجھ ڏھاڪن تائين جي ايئن درياھ سمنڊ طرف ڇوڙ نہ ڪيو تہ اسان سوچي نٿا سگهون تہ ماحول کي ڪيترو نقصان ٿي سگهي ٿو ۽ سمنڊ اسان جون اڃان وڌيڪ ٻيون الائي تہ ڪيتريون زمينون ڳڙڪائي سگهي ٿو.
ھي اھو سنڌو آھي جنھن لفظ مان سنڌ جنم ورتو ۽ ھي اھو انڊس(Indus) آھي جنھن لفظ مان انڊيا نڪتو. ھي اسان جي وجود جو سوال آھي صرف ھڪ درياھ ناھي، جيئن جھانگير ڏاھري چيو تہ،
آئون ته ان کي پنهنجو پالڻهار ٿو سمجهان
جنهن کي تون پاڻي جو درياھ ٿو سمجهين.
برحال اچون ٿا مائي ايلائيس البينيا ڏي تہ ھن جو ھي ڪتاب ھڪ سفر نامي جي طرز ۾ لکيل آھي ھي ڪتاب سنڌو تي باقاعده سٺي تحقيق آھي، ھي ڪتاب سنڌو جو سفر آھي جيڪا ايلائيس البينيا ڪراچيءَ کان شروع ڪري ٿي،
ان جو ھڪ سبب ٻڌائي ٿي تہ ھيٺاھين کان مٿاھين حصي تائين جو سفر، ڪراچي کان ئي سنڌوءَ جو بہ سفر شروع ٿيندو آھي، شروع تہ تبت کان ٿيندو آھي پر پاڻ ڳالھ ڪيون ٿا. سنڌو جي تباھ ٿيڻ جي سببن تي تہ پاڻ پڇڙي کان شروع ڪنداسين ۽ ان سان گڏ جتي بہ جھڙي بہ خطي ۾ وڃي ٿي تہ اتان جي تاريخ ۽ ماضي کي ڏسي ڳالھ لکي ٿي، ورھاڱي کان اڳ ڪراچيءَ جي صورتحال ۽ پوء جي صورتحال تي پڻ سٺي نموني بحث ڪري ٿي، ۽ ھن جي لکڻي ۾ مونکي لڳي ٿو ان ڪري بہ چس آھي جو جھڙي بہ خطي مان گذري ٿي تہ ان جو ماضي ۽ حال (تاريخ) ٻئي بيان ڪري ٿي.
پھرين ھي ڪراچي اچي تقريبن ھڪ مھينو رھي ٿي ۽ پھرين باب ۾ ڪراچي بابت بہ ڀلي ڄاڻ ڏئي ٿي ۽ اتان جي صفائي ڪندڙن (سرائي يا ٻالا جيڪي ھيٺين طبقي جا ھندو ۽ عيسائي) سان ڪچھريون ڪري ٿي ۽ انھن کي ڏسي ٿي تہ انھن جي ڪھڙي زندگي آھي ۽ انھن سان ڪھڙا مسئلا آھن،
ورھاڱي وقت جڏھن اھي (ٻالا، ڀيل) وڃڻ چاھين ٿا تہ ھتان جي اشرافيہ سوچي ٿي تہ جي ھي سڀ ويا تہ اسانجي شھرن کي صاف ڪير ڪندو، سو ھنن کي چون ٿا اوھان ھتي رھي پئو، وڌيڪ انھن بابت ڪتاب ۾ گھڻو ڪجھ لکي ٿي.
۽ وڌيڪ سنڌو بابت ٻڌائيندي سنڌ جي تاريخ تي بہ ڀلو ٿي لکي ۽ سنڌ تي مختلف وقتن ۾ ڪاھون بہ سنڌوءَ جي موجن جي ڪري ٿيون آھن,، سنڌ ڪڏھن بہ ٻين ملڪن تي حملو ناھي ڪيو، ان جو سبب بہ پاڻ وارو سنڌو بادشاھ آھي، جنھن ڪري پاڻ خوشحال رھيا آھيون ۽ امن پسند رھيا آھيون. ليکڪ سنڌو بابت وڌيڪ ٻڌائي ٿي تہ اليگزينڊر برنس جنھن سرسري دعوا ڪئي تہ ھو جديد دور جو پھريون يورپي شخص آھي، جنھن سنڌو نديءَ ذريعي بحري سفر ڪيو آھي. برنس ان جي تصديق ڪندي چوي ٿو تہ لاھور ۾، ھر روز اسان کي اھوئي ٻڌايو ويندو ھو تہ آئون ٻيو “اليگزينڊر“ يعني “سڪندر ثاني“ آھيان، جنھن اھڙو ڏکيو بحري سفر ڪيو آھي. ھو ٻڌائي ٿو تہ اسان جيئن سنڌو نديءَ رستي اوڀارو سفر شروع ڪيو تہ اھا خبر پري پري تائين پھچي وئي ۽ ماڻھو ميلون پنڌ ڪري اسان کي ڏسڻ ايندا ھئا. اتي ھڪ سيد جيڪو درياءَ جي ڪپ تي بيٺل ھو تنھن اسان کي (برنس اليگزينڊر ) گذرندو ڏسي وڏي آواز سان چيو “ افسوس سنڌ ھٿن مان وئي ھلي، انگريزن درياءَ ڏسي ورتو آھي. ھاڻي ان مان اھو معلوم ٿئي ٿو تہ سنڌو درياهه جي ڪيتري اھميت رھي آھي ۽ ان ڪري پاڻ تي ڪاھون ٿيون باقي انگريزن ۽ ٻين بيٺڪيت پسند ( Colonial ) قومن جون سنڌ تي ڪاھون ڪرڻ کي آئون نٿو سمجهان سنڌوءَ کان وڌيڪ ٻيو ڪو سبب ھجي، سنڌ تي ڪاھون ڪرڻ جون. نيپئر جو سنڌ ۾ اچڻ ٽالپرن کان سنڌ فتح ڪرڻ جو سبب اليگزينڊر برنس جي ڪتاب جو بہ آھي تہ اھو پھرين اچي ريسرچ ڪري سنڌي ماڻھن تي درياه تي لِکي ۽ سنڌين جي ڪمزوريون ڏسي ۽ پڙھي نيپئر فيصلاتي جنگ طرف وڌيو ۽ سنڌ فتح ڪيائين.
1951 ۾ جڏھن للينيٿل( David Lilenthal) ڀارت ۽ پاڪستان جو دورو ڪيو، ھن اھا رائي ڏني تہ درياھن جو اھو پاڻي جيڪو بنا ڪنھن روڪ ٽوڪ جي سمنڊ ۾ ھليو ٿو وڃي ان جي ورڇ ضروري آھي. ۽ للينيٿل اھا بہ رائي ڏني تہ نديءَ تي مختلف ھنڌن تي ڊئم جوڙيا وڃن. پاڪستان ان جي موٽ ۾ ٺٽي، اتر طرف ڪوٽڙي بئراج جي اڏاوت شروع ڪئي. ان کان پوء ڊئم، اھا سوچ رکي جوڙيو ويو تہ ان سان ملڪ جا مسئلا حل ٿي ويندا. ان ۾ ڪو شڪ ناھي تہ انھن رٿائن سان زراعت کي ھٿي ملي پر پوءِ جي سٺ سالن دوارن ڪوٽڙي ۽ اھڙن ٻين رٿائن جي ڪري مغرب جي بئنڪن، ماھرن ۽ اڏاوتي فرمن کي تمام گهڻو مالي فائدو بہ پھتو. پاڻي جي کوٽ ۽ ٻين مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ نہ صرف پاڪستان پر ھندستان بہ انھن تي ڪم ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو ھو. ان سان منڍ وارا علائقا تہ ذريعي لحاظ کان خوشحال تہ ٿي ويا پر پوڇڙ جو ڊيلٽا تباھ ٿي ويو. سمنڊ ۾ پاڻي جو ڇوڙ بلڪل ختم ٿي ويو. ۽ وڌيڪ لکي ٿي تہ سنڌو لاءِ ان وقت بہ سنڌين وس آھر احتجاج ۽ جدوجهد ڪئي تہ ڊئم ۽ بئراجن سان سنڌو کي تباھ نہ ڪيو وڃي.
ان کان پوءِ جڏھن وچ سنڌ ۾ اچي ٿي تہ اتي صوفي ازم (تصوف) کي کڻي ٿي، ۽ پو قلندر جي تاريخ ۽ ان جو ڪم، لطيف سائين جو سنڌي سماج ۾ ڪم ،شاعري ذريعي انھن کان علاوہ محمد صديق مسافر جو تاريخ، ڪارن (شيدين) جو سنڌ ۾ ڪيئن اچڻ انھن مختلف موضوعن تي بہ مزيدار بحث ۽ ڳالھيون پڻ ڪري ٿي. ان کانپوءِ موھن جو دڙو وري شڪاري دور تائين انھن جي تاريخ کي کولي ٿي. پنجاب ۾ سِک ازم ۽ ان جو وڌڻ مختلف خطن ۾ انھن جي موضوعن تي ڪمال جو ٿي لکي، وري ڪي پي ڪي وڃي ٿي تہ غزنوي ۽ ويندي سڪندر اعظم جيڪي ڪابل ندي پار ڪري ايندا ھئا ۽ جڏھن گلگت، لداخ، تبت تائين جيڪي ھن ندي جو حصو آھن، انھن جي تاريخ کان ويندي شڪاري دور تائين مختلف مقامي معلومات ڏيندي ھلي ٿي. ھن 28 سالن جي نوجوان ڇوڪري جو ڪم عبرت ۾ وجھندڙ لڳي ٿو. ان شاندار ۽ ڪمال ڪم ڪرڻ تي الائيس کي نمي سلام پيش ڪيان ٿو. ھادي لطيف چيو،
ويئُون پَٻِ پَئِي، کيرُون کاھوڙِيُن جُون؛
آئوُن تن ڏوٿِيُنِ جو، پُڇان پيرُ، پَھِي!
رُڃُنِ راتِ رَھِي، ڏُونگَر جَنِين ڏورِيا.
ان کان علاوه ترجمي نگار جي ترجمي کي بہ ساراھجي ٿو ھن اھڙو شاھڪار ڪتاب سنڌي ادب ۾ آڻي سنڌي ادب جو ھڪ تاريخي ڪم ڪيو آھي، ان تي سائين مظفر بخاري کي بہ جس ھجي.
آخر ۾ پڙھندڙ ساٿين کي گذارش تہ وقت ڪڍي اھڙو شاھڪار ڪتاب ضرور پڙھن.




Reviews
There are no reviews yet.