Ruposh Nagar by Saleem Jamali – روپوش نگر سليم جمالي

₨ 400

 

روپوش نگر

سنڌي ادب ۾ ٽين جنس جي ماڻھن تي لکيل پھريون ڪتاب

ھن ڪتاب جو پھريون ٽائيٽل “کدڙن جي دنيا” جي نالي سان شايع ٿيو ھو، پوء ھن ڪتاب جي نالي کي تبديل ڪري روپوش نگر رکيو ويو. ڇاڪاڻ ته اسان جي پڙھيل لکيل جاھلن ان نالي تي سخت اعتراض ڪيو هو، پوء سائين سليم جمالي ھن ڪتاب کي برقعو پرائي ڇڏيو٠

ھن ڪتاب اندر ٽين جنس جي ماڻهن جي بنيادي حقن بابت ڪافي مواد موجود آھي، جيڪو وڏي محنت سان جمالي صاحب لکيو آهي 😚
تجزيو
مون سليم جمالي جو ھي ٽيون ڪتاب پڙھيو آھي. ھن کان پھرين مون طوائف ناول پڙھيو ھيو. سائين ھنن ڪتابن تي تمام گھرائي سان ريسرچ ڪئي آھي.
ھتي ته اسان جي خوابن خواھشن آرزوئن تي بيٺي پير پيشاب ڪيو وڃي ٿو۔ ٻيو ته پري پر پنهنجو خون پنهنجو ڪرڻ لاء تيار ناهي ھوندو۔ سليم!اسان رشتن کان محروم ماڻهو آھيون۔ اسان جو درد ڪائنات جو وڏي ۾ وڏو درد آهي اسان جي درد جي ھسٽري جو ڪو انت ناهي ۔ ڪائنات جي ھن سرشتي ۾ ھر ڏک برداش ٿي سگهي ٿو پر رشتن کان محروميت جو درد برداش ڪرڻ ڏکيو آهي ۔ ٽين جنس جا ماڻهو نالي ۾ زنده ھوندا آهن پر ھنن وٽ زندگي نالي ڪا به شئ ناهي ھوندي سندن لاء ھر رستو پلصراط آهي ۔ سپنا برف جا تاج محل آهن ڪٿان به ڪو سج اڀرڻ جي اميد ناهي ھر طرف ڪاري ڏامر جھڙي ڊگھي رات۔

Reviews

There are no reviews yet.

Be the first to review “Ruposh Nagar by Saleem Jamali – روپوش نگر سليم جمالي”

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Shopping Cart