ممڪن آهي ته سعادت حسن مري وڃي
۽ منٽو زندهه رهي! (منٽو)
احسان آڪاش
سعادت حسن منٽو، هڪ منفرد مصنف، افسانه نگار، ڊراما نگار، مضمون نگار، ناول نگار، خاڪا نويس ۽ اسڪرين رائيٽر هو. جيڪو هندوستان جي شهر لڌيانہ ۾ پيدا ٿيو. بنيادي طور تي اردو زبان ۾ لکندي هن مختصر ڪهاڻين جا ٻاويهہ مجموعا، هڪ ناول، ريڊيو ڊرامن جا پنج مجموعا، مضمونن جا ٽي مجموعا، ۽ ذاتي خاڪن جا ٻہ مجموعا لکيا. سندس بهترين مختصر ڪهاڻيون اديبن ۽ نقادن ۾ تمام گهڻي ساراهه جوڳيون آهن. منٽو انهن سخت سچي لکڻين لاءِ مشهور هو، جن تي بحث ڪرڻ جي ڪنهن کي به جرئت نه هئي. منٽو 1947ع ۾ آزاديءَ کان پوءِ برصغير جي ورهاڱي بابت سندس ڪهاڻين لاءِ مشهور آهي. منٽو تي ڇهہ ڀيرا فحاشي جو مقدمو هلايو ويو




Reviews
There are no reviews yet.