,

Azadi Jo Fikar by Asim Akhond- آزادي جو فڪرعاصم آخوند

₨ 800

Azadi Jo Fikar by Asim Akhond

“آزاديءَ جو فڪر” ڪتاب ڪامريڊ عاصم آخوند جي چونڊ لکڻين، ترجمن، انٽرويو ۽ سوالن جوابن تي مشتمل آهي. مارڪسي فڪر سان وابسطا ڪامريڊ عاصم صرف 33 سالن جي عمر ۾ وفات ڪئي، پر ٿورڙي عرصي ۾ هُو وڏو ڪم ڪري ويو. سنڌ جي ڏاهي، دانشور محمد ابراهيم جويو عاصم جي مرتئي پڄاڻان لکيو هو تہ “هڪ ڏينهَن جو آزادُ جيئڻُ، سڄِيءَ عمر جي غلامُ جيئڻَ کان بهتر آهي، ڇو ته آزاديءَ جو جيئڻُ سجايو ۽ سَڦلُ ۽ غلاميءَ جو جيئڻُ اجايو ۽ بي ثَمُر هجي ٿو.
ڪتاب جي مهاڳ ۾ لطيف لغاري لکي ٿو ته “عاصم به سنڌ جو هڪ اهڙو ئي بي انت ڪردار هو، جنهن جي سڄي شعوري زندگي هڪ خاص اعليٰ مقصد کي وقف ٿيل هئي. جنهن جي حاصلات لاءِ هو، هر پل هر گهڙي، سوچ ۽ لوچ ۾ محو ۽ مشغول هو. مون زندگيءَ ۾ ڪڏهن به هن شخص جي واتان نااميدي ۽ مايوسيءَ جو لفظ نه ٻڌو، ڪڏهن به مارڪسي فڪر ۽ عمل کان غافل نه ڏٺو. عاصم سنڌ جي موجوده تاريخ ۾ ننڍڙي ڄمار ۾ اهو نالو ڪمائي ويو، جيڪو ڪن ٿورڙن ماڻهن کي نصيب ٿيو هوندو.”

ڪتاب جي پهرين حصي ۾ طبع زاد لکڻيون شامل ڪيون ويون آهن. انهن مضمونن ۾ عاصم آخوند جي ڳوڙهي اڀياس، ڏُور رس نظر ۽ فڪري پُختگي پَسي سگهجي ٿي. مثال پهرين مضمون ۾ ماديت (جڙواد) ڇا آهي؟ ماديت ۽ تصوريت ۾ ڪهڙو فرق آهي؟ ماديت ۽ اگنان واد ۾ ڪهڙو فرق آهي؟ جهڙن فڪري گُٿين کي سرل ۽ سولي نموني سلجهايو ويو آهي

Reviews

There are no reviews yet.

Be the first to review “Azadi Jo Fikar by Asim Akhond- آزادي جو فڪرعاصم آخوند”

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Shopping Cart