,

Syndrome Rasool Memon-سينڊروم رسول ميمڻ

₨ 400

 سينڊروم
ائبنارمل ڪردارن جو ڪهاڻيون

(خاوندڏنو)
رسول ميمڻ پنهنجي ڪهاڻيءَ جي مجموعي ”سينڊروم“ ڪتاب جي شروعات ان ڇرڪائيندڙ جملي سان ڪئي آهي ته ”هر انسان پيدائشي طور تي نفسياتي مريض آهي“. اهو جملو اسان جي سماج لاءِ ڇرڪائيندڙ ۽ حيرت ۾ وجهندڙ آهي. اهڙو سماج جتي هر ٻيو ماڻهو ڪنهن نه ڪنهن نفسياتي مونجهارن جو شڪار آهي. اتي عجب جهڙي ڳالهه آهي ته ماڻهن جي گهڻائي نفسياتي مرضن کي به تسليم ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي . جديديت پڄاڻان کان پوءِ واري صورتحال کي جن اديبن درست معنيٰ ۾ سمجهيو آهي، انهن جو اهو رايو آهي ته هي چريائپ جو دور آهي. موجوده دؤر جي دنيا جي ٿيٽر جا گهڻا ڪردار جنون ۽ پاڳل پڻي واري ڪيفيت ۾ مبتلا آهن. پر کين پنهنجي چريائپ کان هو بلڪل اڻواقف آهن.

هڪ ڪامورو رشوت جي پئسن تي عمارتون اڏي ٿو. ٻه لک پگهار کڻندڙ سرڪاري آفيسر به عام پورهيت کان 500 رشوت وٺي، پئسي جي هوس پوري ڪري ٿو ته دراصل اهو ان جو نفسياتي مرض آهي. هڪ سرڪاري اديب ڪوڙي آڪڙ سان ڪنڌ مٿي ڪري هلي ٿو، صحافي بليڪ ميل ڪري ٿو ته اهو سندن جو نفسياتي خلل آهي. مذهب جي نالي ماڻهو ماري رهيا آهن، هر ماڻهو پئسي پويان ڇتو لڳو پيو آهي، پئسو حاصل ڪرڻ جي دوڙ ۾ هڪٻئي کي ٺڳي ٿو، رشتن جو تقدس وڃائيو وڃي ٿو، اهڙا سڀ ڪردار نفسياتي مريض نه آهن ته ٻيو ڇا آهن؟ اسان چريو فقط انهن کي سمجهيو ويندو آهي، جيڪي گدو بندر ۾ آهن يا جيڪي رڳو روئندا ۽ کلندا آهن.

ڊاڪٽر رسول ميمڻ پنهنجي هن نفسياتي ڪهاڻين جي مجموعي ۾ سماج جي مختلف ڪردارن جو نفسيات جي اصطلاحن جي آئيني ۾ نفسياتي ڇيد ڪيو آهي. سندس ڪهاڻين جا ڪردار نفسياتي ڄار ۾ ڦاٿل آهن. ڪهاڻي جا سڀئي ڪردار هن سماج مان ئي کنيل آهن، جيڪي نفسياتي پيچيدگين کي منهن ڏيئي رهيا آهن. ڪهاڻيڪار جو مرڪزي نقطو اهو آهي ته نفسياتي پيچيدگيون انسان جي جين (Gen) ۾ موجود آهن. جيئن ته شخصيت جي معنيٰ ئي نقاب آهي. انسان ٻاهرين شخصيت جي نقاب يا ماسڪ پهري پنهنجي فطرت کي لڪائڻ جي ڪوشش ڪندو رهندو آهي. پر هن جي فطرت ڪٿي نه ڪٿي ظاهر ٿي پوندي آهي، ۽ زندگيءَ جي مختلف موڙ تي انسان پنهنجو سيلف ڪنٽرول وڃائي ويهي رهندو آهي. بقول ڊاڪٽر رسول ميمڻ جي ”جڏهن انسان دٻيل نفسياتي پيچيدگين کي قابو رکڻ ۾ ناڪام ٿئي ٿو چريائپ جي حدن کي ڇهي ٿو“. عام طور تي انسان پنهنجي نفسياتي پيچيدگين کي قابو ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿئي ٿو ان کي نارمل چيو ويندو آهي. پر ساڳي ئي ماڻهوءَ تي جڏهن وجودي ۽ نفسياتي وارداتون حملو ڪن ٿيون ته هو پنهنجي ضابطي مان نڪري چريو يعني ائبنارمل ٿي پوندو آهي.
هن ڪتاب ۾ اهڙين ئي حالتن جي عڪاسي ڪئي ويئي آهي، جڏهن پنهنجي ضبط تي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ ناڪام ٿئي ٿو ۽ چريائپ ڏانهن وڌي ٿو.هن ڪتاب ۾ پنڌرهن نفسياتي ڪهاڻيون شامل آهن. سڀني ڪهاڻين جا ڪردار نفسياتي ڀڃ ڊاهه جو شڪار آهن. هن مجموعي ۾ شامل سڀئي ڪهاڻيون مختلف نفسياتي مرضن کي سامهون رکي گهڙيون ويون آهن. سنڌي ادب ۾ عبرت ڪدهه کان پوءِ نفسياتي ڪهاڻين جو هي هڪ سٺو ڪتاب آهي. جيڪو سنڌي ڪهاڻين لاءِ موضوع جا نوان دروازا کوليندو.

Reviews

There are no reviews yet.

Be the first to review “Syndrome Rasool Memon-سينڊروم رسول ميمڻ”

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Shopping Cart