بک انسان کي اهڙو ڪتو بنائي ٿي جنهن کي شينهن جي دل آهي.
ننڍي هوندي مون اهڙو پکي پڪڙيو هيو جنهن جا کنڀ ساوا نيرا هيا، پکين جي باري ۾ منھنجي ڄاڻ گهٽ آهي، خبر نہ آهي ڪهڙو پکي هيو، مون جيئن پکيءَ کي پڃري ۾ قيد ڪيو تہ ان مٿو پڃري سان ٽڪرائڻ شورع ڪيو، جڏهن ڏسان تہ ويٺو ٿو پڃري سان مٿو ٽڪرائي، هاڻي پنهنجو مٿو ڦاڙي وڌائين، سڄا کنڀ رت ۾ آلا ٿي ويس، مون بهتري ان ۾ سمجهي تہ کيس آزاد ڪيان نه ته اهو پاڻ ماري وجهندو، پکيءَ جي ايڏي مزاحمت آزاديءَ لاءِ هئي جنهن خوف مان جنم ورتو هيو.
“رسول ميمڻ”
ڪتاب: وطن، پرين ۽ موت
(ننڍڙي چونڊ)




Reviews
There are no reviews yet.