Sale!
, , ,

Darwin Marx aen Freud-Kabeer Bheel-دارون،مارڪس ۽ فرائيڊ-ڪبير ڀيل

Original price was: ₨ 500.Current price is: ₨ 450.

اسين سڀ جيڪي مظلوم، محڪوم، پيرين اُگهاڙا، پيٽ بُکيا، ڏُتڙيل، ڦُريل ۽ لُٽيل آھيون، اسين سڀ جيڪي بُک جي ڪُک مان پيدا ٿيندڙ ڏُک جا ڏنگيل ڌرتي ڌڻي آھيون ۽ جن جو رت پي سرمايي جي ڏائڻ روز تازي تواني ٿئي ٿي ۽ اسان جي اڌ مئل جسمن کي ويتر نپوڙي ٿي. تن سڀني جي جسم جي سگهہ ۽ ذھن جي جوت جو نالو مارڪسزم آھي. انصاف، برابري، علم ۽ آزادي سان اسان جي پيار کي مارڪسزم نئون معراج ۽ عوام دوست انقلابي سياست ذريعي ممڪنات جا نوان در آڇي ٿو. سماجي تبديليءَ جو رستو گهڻ رکو، وسيع، ڊگهو ۽ پيچيده ٿئي ٿو ۽ ان ۾ پيڙھ جو پٿر رکڻ وارو نھايت اهم ۽ بنيادي ڪم انقلابي سياست جو هوندو آھي. انقلابي سياست جو ڪارج محڪوم ماڻھن جي قومي، طبقاتي ۽ سياسي شعور کي اڳتي وڌائڻ آهي ۽ عوام کي نظريي ۽ درست واٽ کان صحيح نموني روشناس ڪرائڻ آھي.

سياسي شعور بنا نہ هن سماج ۽ رياست کي سمجهي سگهجي ٿو ۽ نہ ئي وريان کي تبديل ڪري سگهجي ٿو انقلابي سياست صحتمند سماج جو ساھ پساھ ۽ دُرست دڳ آھي. انقلابي سياست هڪ اهڙو نظرياتي، سياسي تنقيدي چنجُور آھي جيڪو هن خراب نظام جون پاڙون کوٽي ڪڍي ٻاهر اُڇلائي ٿو. سماجي تبديلي ٻن نقطن تي بيٺل هوندي آھي هڪڙو حالتن جو بدترين جبر، ٻيو انهن ئي حالتن جو گھرو شعور، انهن جي پرک ۽ پروڙ جيڪا غلامي کان نفرت ڏياريندي آھي ۽ حق سچ جو ساٿ ڏيڻ لاءِ ھُل ڪندي نيون نيون حڪمت عمليون ۽ ويڙھ جا نوان گس ڳولي مزاحمت جو ميدان ملهائيندي آھي.

ڪبير ڀيل

Darwin Marx aen Freud by Kabeer Bheel sindhi book ڪتاب دارون،مارڪس ۽ فرائيڊ ليکڪ ڪبير ڀيل

انساني تاريخ جي 3 عظيم مفڪرن جي حياتي ۽ فڪر جو مختصر اڀياس

Reviews

There are no reviews yet.

Be the first to review “Darwin Marx aen Freud-Kabeer Bheel-دارون،مارڪس ۽ فرائيڊ-ڪبير ڀيل”

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Shopping Cart