Biya Dehan Writer Arshad Waheed Translated by Naseer Eijaz-ٻيا ڏينھن-ليکڪ ارشد وحيد-ترجمو نصير اعجاز
مون کي ته ايئن لڳي ٿو ته سنڌي ٻوليء ۾ ترجمو ٿيل ئي سھي ايتري خوبصورت ڇپائي وارو ۽ ايترو شاندار ناول مون ڊگھي عرصي بعد پڙھيو آھي ـ ڪتاب دل کي تمام گھڻو وڻيو ـ آرٽسٽڪ ٽائيٽل ـ ترجمي نگار نصير اعجاز جي سھڻي سنڌي ٻولي ۽ لکڻي ناول جي اصل پلاٽ ۽ خوبصورت روح کي برقرار رکڻ جو ڪارڻ آھي ـ سڀ ڪجهه دل کي وڻندڙ ـ ھن ناول کي پڙھي پورو ڪرڻ بعد ئي ان تي راء لکڻ جو ارادو ڪيو اٿم ـ
شاندار ناول…ليکڪ ارشد وحيد جو تازو آيل ناول ٫٫ ٻيا ڏينهن ،،ناليواري صحافي ۽ ليکڪ نصير اعجاز سنڌي ٻوليءَ ۾ ترجمو ڪيو آهي ،ڪتاب مواد جي لحاظ کان تہ شاندار آھي ئي ليڪن خوبصورت ترجمي سبب طبع زاد لڳي ٿو.ناول فڪري،سماجي ۽ سياسي اٿل پٿل کي ظاھر ڪري ٿو.ھر وک تي وارتائون بيان ڪندڙ ناول خوف کي شڪست ڏئي ،اتساھ ۽ اميد جاڳائي ٿو.ھر پڙھندڙ کي ھي ناول ضرور ہڙھڻ گھرجي.پياري ظفر جوڻيجي جا قرب ،جن ھي انوکو ناول مطالعي خاطر پاڻ تائين پھچايو
سنڌي پڙھندڙن کي گذارش ته ھي ناول ضرور پڙھو ـ اوھان کي وڻندو
پاڻ پڙهو ۽ ٻين کي پڙهايو




Reviews
There are no reviews yet.