Obaseen ji Vich Min by Annad Khemani-اوٻاسين جي وچ ۾-آنند کيماڻي
Obaseen ji Vich Min by Annad Khemani-اوٻاسين جي وچ ۾-آنند کيماڻي
Original price was: ₨ 500.₨ 450Current price is: ₨ 450.
اوٻاسين جي وچ ۾
سنڌي ناول
ليکڪ آنند کيماڻي
آنند کيماڻيءَ جو هي ناول ”اوٻاسين جي وچ ۾“ پنهنجي عنوان جيان پنهنجي ڪهاڻيءَ جي ٽريٽمينٽ ۾ ڏاڍو منفرد ۽ تخليقي طور ڏاڍو سگهارو آهي.
هن ناول جي ڪهاڻي وڏي هُنرائتي نموني ۽ دلچسپ انداز سان پڙهندڙ کي پاڻ سان گڏ وٺي هلي ٿي ۽ پُڄاڻيءَ جي ويجهو پهچي هڪ اهڙي موڙ تي اچي بيهاري ٿي جو پڙهندڙ عجيب ڪيفيتن ۽ حالتن ۾ ڪهاڻيءَ جي ڪردارن جي پيڙائتي سفر ۾ همسفر بڻجي ڀوڳيندو رهجي وڃي ٿو.
هن ناول جي ڪهاڻي جو هيرو جئہ وِيرُ حالتن جي وَر چڙهي پنهنجي جنس جي سُڃاڻپ وڃائي، ڀٽڪندڙ ڪردار بڻجي عشق جو هڪ نرالو خاڪو جوڙي ٿو.
ڪاليج جي هڪ شاگرد جئہ وير ۽ پروفيسر مانسي ڀنڊاري جي دل ۾ لهي ويندڙ شاندار ڪهاڻي ڏاڍي مختلف نموني سان پنهنجا منظر ۽ پس منظر کڻي هڪ شاندار ناول جي روپ ۾ آنند کيماڻي جي قلم مان تخليقي ٿي ڪري سنڌي ادب ۾ هڪ ڀرپور ناول جي سڃاڻپ سان نروار ٿي آهي.
هن ناول جي ڪهاڻيءَ ۾ ننڍڙيون ننڍڙيون ڪهاڻيون وڏي فنائتي انداز سان جوڙيون ويون آهن جو ناول جو ڪيئنواس ڏاڍو وسيع ٿي پيو آهي. ناول پنهنجي جوهر ۾ تخليقي رنگن ذريعي منفرد نموني سان اهڙو تہ اُڻيو ويو آهي جو ان کي پڙهندي ناول پنهنجن سمورن احساسن ۽ ڪيفيتن سان دل ۽ دماغ تي مُنڪشف ٿيڻ لڳي ٿو
سوشل ميڊيا تان کنيل



Reviews
There are no reviews yet.