غدار ناول
ڪرشن چندر
سنڌيڪار ننگر چنا
ماني کائي پاڻي پيتم ۽ پوءِ اگڻ مان گھر جي دروازي جي چائنٺ تائين آيس، ڏاڏي، جي لاش تان ٽپي ٻنين جي ڪناري سان ھلڻ لڳس، اوچتو مونکي ڪجھ آھٽ محسوس ٿي، گھٻرائجي پٺيان ڏٺم، رومي به منھنجي پويان اچي رھي ھئي. تو ڪيڏانهن ويندينء چري، تون تہ پيٽ سان آھين، تون ڪتي آهین، توكي ڪھڙو ڊپ! تون انسان ٿورو ئي آهین ،جو توکي پنهنجي حياتيء جو ڊپ هجي ،اهي ته سڀ تھذيب جون ڳالهيون آهن، وڏن وڏن مذهبن ۽ اخلاق جا جهڳڙا آهن، اھا تلوار ته تمام بلند اصولن جي حمايت ۾ نڪتي آهي، شڪر ڪر جو تنهنجي نڙي انھيءسان نه ڪٽبي. شڪر ڪر تون غير مذهب آھين جاھل ۽ بي اخلاق آھين، شڪر ڪر توکي اھا خبر ناهي ته مذهب ڇا آهي، تون ڪڏهن سنڌيائي نه ڪئي آهي ڪڏهن پنج وقت نماز نه پڙهي اٿئي، تون ڪڏهن ڪنهن ديول، مندر، مسجد نه ويئي آھين، تون ڪڏهن آزادي جو مفهوم نه سمجھيو آهي، ڪڏهن ڪنهن سياسي ليڊر جي تقرير نه ٻڌي آهي. شڪر ڪر ته تون ڪُتي آھين انسان نه آھين.. ناول تان کنيل ٽڪرو…..




Reviews
There are no reviews yet.