Girl Hostel Sindhi Novel by Aseer Imtiaz
گرلس ھاسٽل سنڌي ناول ليکڪ اسير امتياز
مختصر رايو
خير ڳالھ کي اڳتي وڌائيندس.
ھي ناول صرف نالي جي ڪري بدنام پيو ٿئي پر ھن سٽن مان ئي لڳي پيو تہ ليکڪ سماج جي اندر ٿيل گندگيء کي اظھاريو آھي.
اسانجي ھن معاشري ۾ جيتوڻيڪ سچائي کي ڪوبہ قبول ناھي ڪندو پر ھن ناول ۾ ھن سٽن مطابق ڇوڪرين جي دل ۾ بہ اھي احساس ئي آھن جيڪي نوجوان ھينڊسم يونيورسٽي پڙھندڙن ڇوڪرن جا ھوندا آھن.
۽ ليکڪ اھو بہ ظاھر ظھور لکيو آھي تہ اسانجون درسگاھون اگر بھتر نہ ٿيون تہ ايندڙ وقت ۾ اھي صرف مثال ڏيڻ جھڙيون ھونديون اھا بہ ھڪ حقيقت آھي انھن درسگاھن ۾ نالي چڙھيا واپاري ۽ بگھڙ ويٺل آھن جيڪي مارڪن جي عيوض فيمل اسٽوڊنٽس کان پنھنجي من پسنف راند کيڏائيندا آھن ڪي تہ ويچاريون خاموشي سان سڀ ڪجھ برداشت ڪري وينديون آھن ڪي تہ وري سگھارو آواز بڻجي انھن کي سيکت ڏينديون آھن.
اصل ۾ ليکڪ ويچارو شڪل صورت جو بہ سادڙو آھي ۽ نہ ئي بيروڪريٽ يا ڪو آفيسر يا ڪنھن اداري سان وابستہ ناھي بس ھڪ سادو سودو شاعر ليکڪ اديب ۽ ناولنگار آھي سو انڪري اچي ويچاري کي فسٽريشن ۽ اندر جي ڪروڌ جھڙي لقبن سان نوازيو ويو آھي. ہاقي منھنجي خيال ۾ ناول ۾ ھن دور جون سڀئي حقيقتون بيان ٿيل آھن اسانکي اڃان بہ اڳتي سوچڻو پوندو تہ اسين پاڻ ڇا آھيون ۽ ڇا پيا ڪرڻ وڃون يا ڇا ڪري رھيا آھيون. اسانجي ھن ادبي طبقي ۾ ڄنڊا پٽ ۽ لابي سسٽم جي ڪري تنقيد پنھنجو اصل مقصد وڃائي ويٺي آھي.
ھن سماج ۾ اھوئي ماڻھو (شاعر،اديب،ليکڪ،ڪالمنگار،ناولنگار،سماج سيوڪ) ڪامياب ٿيندو جنھن جو پنھنجو لابي سسٽم يا اڳواڻ مضبوط ھوندو يا جنھن جي ھو (جي حضوري) ۾ ھوندو تہ اھو پڪ ڄاڻو تہ راتو رات واھ واھ ڪڍائيندو. انڪري ناول (گرل ھاسٽل) ۾ ايڏي ڪابہ خرابي ناھي جو اسين انتي ويھي ڇوھ ڇنڊيون لکڻ واري کي آزادي جو حق ھجڻ گھرجي ڀلي ھو پنھنجي زندگيء
۾ رھيل خواھشن کي قلم ذريعي ريشمي ڪپڙا پارائي بچيل زندگيء کي خوش رکي سگھي ٿو. ھن ناول کان اڳئي باشعور( باحيا) نياڻين پنھنجي والدين جي لڄ جي حفاظت ڪئي ھوندي ۽ ھن ناول جي پڙھڻ کان پوء بہ حفاظت ڪرڻ ڄاڻينديون آھن. اھا تربيت ھميشہ گھر مان ٿيل ھوندي آھي. منـھنجو گرو چوندو آھي تہ جنھن نياڻي کي حيا ۽ پڙھڻو ھوندو سا ڳوٺ مان بہ پڙھي ڊاڪٽر ۽ انجنيئر ٿي ويندي باقي جنھن کي ناھي پڙھڻو سا يونيورسٽي مان بہ ڪونہ پڙھي سگھندي.
(روبي جي مڪمل سچائي ۽ ڇوڪرين بابت ھمدردي تي تمام گھڻو پيار آيو ھو، حقيقت ۾ اسانجون درسگاھون جتي مُسقبل جي معمارن کي تعليم جھڙي ناياب روشنيء سان منور ڪن ٿيون تہ اُتي ادارن اندر بلائون بہ رھن ٿيون، جيڪي اڪثر خوبصورتي کي ڳڙڪائي وڃن ٿيون.
تڏھن تہ اسانجي درسگاھن اندر ھر چوٿين مھيني ڪونہ ڪو حادثو پيش اچي ٿو.
ڪا نہ ڪا ڇوڪري آپگھات ڪري ٿي، جيڪڏھن اسانجي ادارن جو تحفظ نہ ڪيو ويو تہ ايندڙ ڪجھ سالن ۾ اسان انھن ادارن جا فقط مثال ئي پيش ڪري سگھنداسين، باقي ظاھري طپر اُھي ادارا پنھنجو وجود ميساري ويھندا).
ھن سٽن ۾ ھڪ سچ سمايل آھي.وڌيڪ آئون ڪنھن گند کي ڪونہ لکندس ڇو تہ اسانجي سماج ۾ چڱائي ليٽ ۽ گند جلدي ڦھلبو آھي.
نوٽ. آئون ڪو نقاد ناھيان جي اگر ڪنھن دوست کي منھنجي ڳالھ ڏکي لڳي ھجي تہ ايڊوانس ۾ ھٿ جوڙي معذرت يار.
سنڌ سلامت ساٿ سلامت
جــي ـ ايم لاڙڪ




Reviews
There are no reviews yet.