ناول “يونيورسٽيءَ ۾ گم ٿيل خواب” ڪجهه ڏينھن اڳ پڙھي پورو ڪيم.
ھي ناول پيار ڪھاڻي تي ٻڌل آھي. ناول جو مک ڪردار ناول نگار رافع آھي پورو ناول سندس يونيورسٽي جي زندگيءَ تي مشتمل آھي. رافع پنھنجي ڳوٺان يونيورسٽي ۾ اچي ڪنھن حسينا جي حاصلات جا خواب کڻي اچي ٿو. نيٺ سماني قاضي نالي ھڪ خوبصورت ڇوڪري زندگيءَ ۾ داخل ٿئيس ٿي. پر سدائين وانگر جيئن پيار جي پڄاڻي وڇوڙو ھوندو آھي تئين ائين ٿئي ٿو رافع انجنيئرنگ يونيورسٽي مان پڙھي پاس ٿئي ٿو آخر ۾ کيس نه سماني سان شادي ٿئيس ٿي نہ نوڪري ٿي مليس آخر پنھنجي والد جو ڪاروبار سنڀالڻ لڳي ٿو.
ان ناول ۾ پيار ڪھاڻي سان گڏ ڪٿي سماجي زندگي جو عڪس پڻ نظر اچي ٿو.
ناول جي پڄاڻي ھڪ ڇرڪائيندڙ خبر سان ٿئي ٿي جڏھن رافع کي سندس دوست قمر زمان وٽان پتو پئي ٿو عالماڻي جيڪو ھڪ ذھين سنجيده ۽ ڪتابن سان پيار ڪندڙ جگري دوست ھوندو اٿن اھو غربت کان تنگ ٿي ڪري خودڪشي ڪري ڇڏي ٿو.
Sindhi Books, Sindhi Novel books
Sindhi Novel University Man Gum theyal Khuwab Abdul Rafiu Sheikh
₨ 400




Kosar –
I ordered this order also received good condition and timely
Thanks team of kitab nagar