سيڪيولرزم ۽ عقليت پسندي
Secularism and Rationalism
محمد ابراهيم جويو
(1) سقراط
مجرم سقراط کي اٿينس جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، مٿس الزام هو ته: هي نوجوان کي بگاڙي ٿو، هي انهن ديوتائن تي ايمان نٿو آڻي، جن کي شهر وارا مڃين ٿا. هي نوان نظريا ٺاهيا آهن ۽انهن جو پرچار ڪري ٿو. تنهن ڪري سماج ۾ ڦيٽاڙو پيدا ٿيو…وغيره جهڙن الزامن هيٺ عدالت سڳوري کيس هُن صدي جي وڏي سزا زهر جو پيالو پيارڻ جي سزا ڏني، سقراط کلندي کلندي زهر جو جام پي ويو.
(2) گليلو
ديني عدالت مجرم گليلو کي پيش ڪيو هيٺين الزام هيٺ ته: هي جديد نظرين جو پرچارڪ آهي، گليلو اعلان ڪيو هو ته ‘ڌرتيءَ سج جي چوڌاري ڦري ٿي’
عدالت گليلو کي سزا طور چيچلائي مجبور ڪيو ته هن جيڪي ڪجهه چيو ٿي، تنهن تان هٿ کڻي وڃي.
(3)منصور حلاج
منصور حلاج اناالحق جو نعرو هنيو. مذهبي پيشوائن دين کي خطري ۾ محسوس ڪندي، ان کي بچائڻ لاءِ حرڪت ۾ اچي هڪ جماعت آڏو منصور کي پيش ڪيو ويو، منصور کي منڪر جي گفتن چوڻ تي سولي جي سزا ڏني وئي .




Reviews
There are no reviews yet.