Bangal cho dar Theyo-Ayaz Ali-بنگال ڇو ڌار ٿيو اياز علي
بنگال ڇو ڌار ٿيو ؟؟؟
انگريزن به بنگال کي 1905 ۾ ٻن حصن ۾ ورهايو . اتان ئي مسلم ليگ جو جنم ٿيو . 1937 واري انهي اليڪشن جو پڻ ذڪر آهي.جنهن ۾ ڪانگريس مسلم ليگ کي قبولڻ لاءِ تيار نہ هئي. جتان مسلم ليگ ۽ ڪانگريس ۾ اختلاف وڌيا. جناح يوپي ۽ بمبئي ۾ گڏيل حڪومت ٺاهڻ جي ڪوشش به ڪئي. انهي کانپوءِ پاڪستان ٺهيو. هن ۾ بمبئي واري انهي اجلاس جي به ڳاله آهي جنهن ۾ 1940 جي ٺهراءِ وارين ڳالهين ۾ ترميم ٿيل هئي. انهي کانپوءِ بنگال ۾ سهروردي ۽ ڀاشاني جهڙن ليڊرن کي مسلم ليگ جي ميمبر شپ به نه ملي ته عوامي مسلم ليگ جنم ورتو . مولانا ڀاشاني جنهن جو پهريون صدر ٿيو.جيڪا اڳتي هلي عوامي ليگ ٿي . سهر وردي جي جڳهه تي نظام الدين جو وزير اعلئ ٿيڻ . پوءِ وري ٻولي وارو مسئلو . جنهن ۾ اياز علي جو خيال آهي ته محمد علي جناح صرف هڪڙي ڍاڪا واري جلسي ۾ اردو ٻولي جي حمايت ڪئي پر پوءِ ڳالهه کي سمجهندي ٻولي جي مسئلي تي خاموش رهيو . ٻولي وارو مسئلو جيڪو پوءِ تسليم به ڊوگرا ڪيو. بنگالين ايوب جي بجاءِ فاطمه جناح کي سپورٽ ڪيو. ايوب دور ۾ مسئلا حل نه ٿيا نوڪرين پئسي سڀ ڳالهيون چارٽ ۾ دليلن سان سمجهايل آهن. ستر واريون چونڊون جنهن ۾ مجيب 160سيٽون ۽ 80 سيٽون کئيون . خير پوءِ جيڪو ٿيو . پر هن ڪتاب ۾ جنرل يحيئ جو رول قدرن مثبت ٻڌايو ويو آهي . انهي هن سڄي مسئلي کي حل ڪرڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪئي. بنگالين کي سيڪريٽري به ڪيو . پر يحيئ جي ڪوششن سان به مسئلو حل نه ٿيو. هن جو خيال آهي ته مجيب به ورهاڱي جي حق ۾ نه هو .هن ۾ ڀٽي صاحب جي اها ڳاله به لکيل آهي ته جڏهن يحيئ ڍاڪا ۾ اجلاس ڪوٺايو ته ڀٽي چيو جيڪو به اوله پاڪستان مان اجلاس ۾ ويندو انهي جون ٽنگون ۽ ٻانهون ڀڃي ڇڏيندس .سو ڀٽي کي به هن ڪيس مان بري نٿو ڪري سگهجي .هن ڪتاب مطابق محمد علي جناح جو پڻ ڪردار مثبت رهيو آهي. سو بنگال جي آزادي پٺيان جيڪي به سبب هئا. انهن تي هلڪي هلڪي روشني وڌي وئي آهي . هي بنگال واري مسئلي کي سمجهڻ لئه پڙهڻ کپجي . هن ڪتاب ۾ گهڻي اجائي ڊيگه پٽاڙ ڪونهي مسئلي کي سمجهائڻ جي ڪپوشش ڪئي وئي آهي .وڌيڪ اوهان پاڻ پڙهو.
اياز علي وڏي محنت ڪئي آهي . پاڻ هن ليکاري سڃاڻون ڪون پر دوست جي صلاح سان فيس بڪ تي ايڊ ڪيو ته هن جا ٻئي ڪتاب به گهرايا هڪڙو پڙهي ورتو ٻيو پڙهون پيا ،
Size Demy
Size 207




Reviews
There are no reviews yet.