سائين رسول ميمڻ جي آخري ناول “ڪتا” ۾، ڪنھن ھنڌ ماءُ ۽ پٽ جي وچ ۾ ڊائلاگ ڪجھ ھن ريت ھوندو آھي :
انسان جو مقدر اڪيلائي آھي ۽ امڙ جي اڪيلائي محسوس ڪري لڳندو ھيو تہ مان بہ ائين اڪيلو ٿي ويندس.
ھوءَ (ماءُ) چوندي ھئي، “ڪتن جي ڀونڪ جي لئي سڪي مئي آھيان.”
مان شرمسار ٿيندو ھيس.
“امڙ توکي ھاڻي ھڪ ڪتو پالڻ گھرجي، جيڪو تنھنجي اڪيلائين کي دور ڪري سگھي.”
مون محسو ڪيو امڙ جي منھن ۾ ڏک ۽ پيڙا ڀرجي آئي.
“دنيا ۾ سٺي نسل جا ڪتا ناياب ٿي چڪا آھن.” ھن جواب ڏنو.
“نہ امڙ توکي غلط فھمي آھي.” مون چيو، “عمر سان دنيا جي ھر شيءِ ميري نظر ايندي آھي. جڏھن تہ اھا ائين نہ ھوندي آھي، جيئن ننڍپڻ ۽ جوانيءَ ۾ نظر ايندي آھي.”
وڃڻ وقت مون امڙ کان موڪلايو ھيو ۽ ھن پيار مان چيو ھو : “تون منھنجي حياتيءَ جو آخري ڪتو آھين.”



Reviews
There are no reviews yet.