Sale!

Physics Ji Duniya by Dr Yousuf Soomro-فزڪس جي دنيا

Original price was: ₨ 1,200.Current price is: ₨ 1,000.

Physics Ji Duniya by Dr Yousuf Soomro

فزڪس جي دنيا

لیکڪ ڊاڪٽر يوسف سومرو

سائنس حقيقتن جي ترتيب جو نالو آھي. حقيقتون سائنس جي ڪچي مواد (Raw material) جي حيثيت رکن ٿيون. جيڪڏھن حقيقتون ھڪٻئي کان الڳ الڳ ھونديون يا انھن جي وچ ۾ ڪنھن قسم جو لاڳاپو نہ ھوندو تہ پوءِ اھي ڪنھن بہ سائنس کي پيدا نہ ڪنديون پر جڏھن اھي ھڪ خاص ترتيب ۾ اچي وڃن ٿيون تہ پوءِ سائنس پيدا ٿئي ٿي. سائنس جي ھر شعبي جي وسعت ۾ فقط اھي ترتيب ڏنل ۽ منظم حقيقتون اچن ٿيون جن ۾ پاڻ ۾ ڪا نہ ڪا مشابھت ۽ سھڪار ھجي. جن حقيقتن ۾ سائنس جي ڪنھن شعبي جي لحاظ کان مطلب جي مشابھت نہ ھوندي آھي تہ پوءِ انھن کي سائنس جو ڪو ٻيو شعبو پنھنجو ڪري وٺندو آھي. حقيقتن جي لاءِ اھو ضروري ھوندو آھي تہ انھن کي ڪنھن نہ ڪنھن اُصول يا قانون ھيٺ اچڻ گهرجي. مثال طور تي جڏھن توھان پنھنجي ھٿ مان ڪنھن شي کي ڇڏيو ٿا تہ اھي ھيٺ ڪري ٿي اھا مٿي طرف نٿي وڃي. اھا ھڪ علمي حقيقت آھي. توھان اھو بہ ڏسي سگهو ٿا تہ چنڊ پنھنجي شڪل کي تبديل ڪندو رھندو آھي. ڪڏھن ھو سراسر ليڪ جيان نظر ايندو آھي تہ ڪڏھن پوري گولائي جي شڪل ۾ نظر ايندو آھي ۽ ڪڏھن صفا نظر نہ ايندو آھي. اھا ھڪ ٻئي علمي حقيقت آھي يا ڪڏھن توھان ڏسندا آھيون تہ پاڻي رات جي وقت سمنڊ ۾ لھندو ۽ چڙھندو آھي. ويرن جي اھا ڪيفيت ٽئين علمي حقيقت آھي. توھان انھن ٽنھي حقيقتن جي الڳ الڳ ڄاڻ رکو ٿا پر توھان جي اھا ڄاڻ سائنسي نہ آھي پر جڏھن توھان انھن حقيقتن کي پاڻ م ملائي انھن ۾ ڪنھن نہ ڪنھن قسم جو ڪو لاڳاپو پيدا ڪري اھو سمجھي وٺو تہ اھو ثقلي ڪشش جي عالمڳير قانون (Law of gravitation) جا مختلف روپ آھي تہ پوءِ توھان جي اھا ڄاڻ سائنسي سڏجي ٿي.

World of Physics – Dr Yousif Soomro

Reviews

There are no reviews yet.

Be the first to review “Physics Ji Duniya by Dr Yousuf Soomro-فزڪس جي دنيا”

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Shopping Cart