ڀڳت سنگهه ۽ اُن جا ساٿي
لیکڪ اجي ڪمار گوش – گنپت راءِ-رام اوڏ
جيئن ئي آئون جيل مان نڪري روڊ تي آيس ته مون کي محسوس ٿيڻ لڳو ته ڄڻ مون پنهنجي ساٿين جو ساٿ ڇڏي ڏنو آهي.
ڀڳت سنگهه جي محبت ۽ عزت ملڪ جي ماڻهن جي دلين ۾ ڪيتري جاءِ ٺاهي چڪي هئي ان جو اندازو مون کي ٻاهر اچي پيو ته جتي به ڪو جلسو ٿيندو هو ته سڄي فضا ‘ڀڳت سنگهه زنده باد’ جي نعرن سان گونجي اٿندي هئي.
‘انقلاب زنده باد’ جو نعرو ننڍي کنڊ ۾ سڀ کان پهريان ڀڳت سنگهه ئي بلند ڪيو ۽ ان نعري بندي ماترم جي جاءِ وٺي ڇڏي. ڀڳت سنگهه جو نالو هر ديس واسي جي زبان تي هو، ان جي تصوير هر نوجوان جي دل تي نقش هئي. مون کي فخر ٿيندو هو جڏهن آئون سوچيندو هئس ته ان انقلابي سان گڏ مون ايترا سارا ڏينهن گذاريا هئا…
اپريل 1931ع ۾ جڏهن ڪراچي ۾ ڪانگريس جو اجلاس هلي رهيو هو ته عين ان وقت ڀڳت سنگهه ۽ ان جي ساٿين کي شهادت جو جام پياريو ويو، ان وقت ڀڳت سنگهه جي عمر چوويهه سال هئي.
آئون ان وقت ڪراچي وڃي رهيو هئس، جنهن به ماڻهو اها خبر ٻڌي هو ٻارڙن جيان رنو پئي. مون کي ته ايترو صدمو پهتو جو بلڪل سڪتي ۾ اچي ٿي ويس ۽ مون کي ڪنهن به طرح يقين نه اچي رهيو هو.
ڀڳت سنگهه تاري جيان سياسي فضا ۾ چمڪيو ۽ غائب ٿي ويو، ان جي قرباني لکين ماڻهن جون دليون روشن ڪيون، هو نئين هندستان جي علامت بنجي ويو. هن اهو مثال قائم ڪيو ته موت جي اڳيان ڪيئن سينو ساهڻ گهرجي. سامراجي طاقتن جي اڳيان ڪيتري قدر ارادن جي قوت هجي جو ان جي زور سان سامراجي کنڊرن تي پنهنجي نئين ديس ۾ عوامي راڄ قائم ڪري سگهجي.
اجي ڪمار گهوش





Reviews
There are no reviews yet.