,

Barhan Dehan-Sindhi Novel-Qadir Solangi-ٻارهن ڏينهن-قادر سولنگي

₨ 500

Barhan Dehan-Sindhi Novel-Qadir Solangi-ٻارهن ڏينهن-قادر سولنگي

ناول جو مکيہ موضوع سنڌو درياھ تي اڏجندڙ ڪينالن خلاف سنڌ واسين جي عظيم ۽ تاريخي جدوجهد دوران “ٻارهن ڏينهن” وارو “ٻٻرلوءِ ڌرڻو” آهي. ان سان گڏ ناول جو ٻيو موضوع رومانس آهي. سنڌو ۽ ساگر جي پيار ڪهاڻي؛ هن ناول ۾ نئين دنيا ۽ نوان رنگ جوڙي رکيا آهن. سنڌو ۽ ساگر وري علامت طور سنڌو درياھ ۽ سنڌي سمنڊ جي عڪاسي بہ ڪن ٿا. سنڌو (درياھ) ۽ ساگر (سمنڊ) جو پاڻ ۾ ميلاپ ئي سنڌ جو جياپو آهي.
ان سان گڏ سنڌوءَ جي ڪردار وسيلي عورتازاد (feminism) کي پڻ چِٽيو ويو آهي. ان ريت ناول اندر ٽي وڏيون دنيائون هڪ ئي وقت هلنديون رهن ٿيون. انهن ٽن موضوعن سان گڏ ڌيان ڏبو ته ناول اندر ترقي پسند ڌارا به ڏاڍي سٺي نموني چِٽيل ملندي. مکيہ ڪردار جو غريب سنڌين جو هر وقت ٻانهن ٻيلي ٿيڻ، حوصلي ۽ همٿ سان سندن مدد ڪندي مسئلا حل ڪرڻ، وڏيرن ۽ پيرن خلاف سينو ساهڻ، اُتساھ، همٿ، پُختي عزم ۽ اُميد پرستيءَ جو درس ڏين ٿا.

Reviews

There are no reviews yet.

Be the first to review “Barhan Dehan-Sindhi Novel-Qadir Solangi-ٻارهن ڏينهن-قادر سولنگي”

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Shopping Cart