يونيورسٽيءٓ جي آخري شام
جيتري تائين ماڻهو جي ڪيفيت ۾ اُداسي يا ڪا بي رحم رهڙ سندس ويجهو نہ ٿي اچي، تيسين ماڻهو خوش باش هوندو آهي ۽ پاڻ کي سالم محسوس ڪندو آهي پر جڏهن سندس اندر ٻہ اڌ ٿي پوي يا ڪيفيتون ڪاسائي نگاهُن جي ور چڙهي وڃن تہ پوءِ اُهو ئي ماڻهو پاڻ کي نہ صرف بيچين محسوس ڪندو آهي پر اندر ئي اندر ۾ لُڇندو بہ آهي! ڪي ماڻهو اهڙي ڪيفيت ۾ رڳو لُڇندا ئي آهن پر ڪي وري لکندا بہ آهن، ڪيفيتون ڪات هيٺان هجن ۽ ماڻهو لکڻ تي اچي تہ ڪمال ڪري ڇڏي.
هن ناول ۾ بہ ساڳيون ئي ڪيفيتون آهن، سنڌ جي هن ڳڀرو ڪويسر نصير احمد چاچڙ پنهنجي ڪيفيت کي رڳو لُڇڻ تائين ناهي ترسايو پر هن بهادري سان انهن سمورين ڪيفيتن تي لکيو بہ آهي جيڪي حادثاتي طور ماڻهو جي اندر گهر ڪري ويهي رهنديون آهن.
“يونيورسٽيءَ جي آخري شام” نصير احمد چاچڙ جو پهريون ناول آهي، هن ناول ۾ يونيورسٽي جون يادون قيد ٿيل آهن ۽ سچايون بيان ڪيل آهن، ڪٿي محبت جو ذڪر آهي تہ ڪٿي ڏُکارين گهڙين جو ذڪر!
يونيورسٽي مان پاس آئوٽ ٿيندڙ تمام ٿورڙا شاگرد اهڙا هوندا آهن، جيڪي اُتي چار سال گهارڻ کان پوءِ پنهنجون يادون هميشہ لاءِ تحرير جي صورت ۾ قلمبند ڪري ٻين لاءِ نيون راهون ڏسي ڇڏيندا آهن.
نصير احمد چاچڙ جو هي پهريون ۽ رومانس سان ڀرپُور ڪتاب “يونيورسٽيءَ جي آخري شام” اوهان مهربان پڙهندڙ آڏو آڻيندي نهايت ئي سرهائي محسوس ڪري رهيا آهيون، اُميد تہ هي ناول اوهان کي ضرور پسند ايندو




Reviews
There are no reviews yet.